عبدالرحيم مگسي

عبدالرحيم مگسي

عبدالرحيم مگسي

عبدالرحيم مگسي: مولوي عبدالرحيم مگسي ولد سرائي پريو خان مگسي، ڳوٺ پرئي مگسي، تعلقي دادوءَ ۾ سال 1879ع ۾ ڄائو. ڇهن سالن جي ڄمار ۾ سندس چاچي ڌڻي بخش مگسيءَ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مخدوم محمد ابراهيم عباسيءَ (ڳوٺ سيال) وٽ ويهاريو. جتي هو قرآن شريف ناظره پڙهيو. ان کان پوءِ مولوي غلام صديق سولنگيءَ وٽ فارسي پڙهيو. فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪري پوءِ مخدوم مولوي غلام محمد ملڪاڻيءَ وٽ عربي پڙهيو. تنهن کانپوءِ ڳوٺ رپ، تعلقي بدين ۾ درس نظاميءَ جي تعليم مڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين.
مولوي صاحب کي طب جي علم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو. سو مولوي حڪيم ميان خير محمد جوڻيجي وٽ تعليم ورتائين. ڪجهه عرصو ڄام مراد علي خان وٽ لس ٻيلي ۾ نائب قاضي مقرر ٿيو. پر مراد علي خان جا انگريزن سان لاڳاپا خراب ٿيا، جنهن ڪري هو افغانستان هليو ويو ۽ مولوي عبدالرحيم دادو موٽي آيو. مولوي عبدالرحيم کي 1910ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ فقھ ۽ دينيات جو استاد مقرر ڪيو ويو، جتي هن 30 سالن کان علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي ۽ 1940ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن انهي دوران سڀني تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو.
هن نوڪريءَ دوران ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ حقوق الذمين، اسلامي احڪام، اسلامي تاريخ (حصو پهريون)، سيرت النبي صه، اسلامي تاريخ (حصو ٻيو)، خلفاءِ الراشدين، اسلامي تاريخ (حصو ٽيون)، حالات بنو اميه، اسلامي تاريخ (جلد چوٿون)، حالات بنو عباس، اسلامي تاريخ (حصو پنجون)، شاهانه اسپين، سيرت عائشه رضه، ڪتاب الحج و الزيارة، اسلام جا دنيا تي احسان (حصو پهريون)، اسلام جا دنيا تي احسان (حصو ٻيو)، ناصر التفاسير، تحفة المومنات، سيرت الاصحابيات (ٽي حصا)، تعليم القران (ترجمو)، ڪتاب الزڪوات، دلائل الايمان بتفسير القران، مشاهير الاسلام، تاريخ انڊلٺ، عبدالرحيم گرهوڙي جو ڪلام، تفسير سوره اُم، قرآن شريف جي تفسير جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، ڪتاب الاخلاق، ڪتاب ال روزه، تحفة المسلمين ۽ برگ سبز معروف الفوائد درخت نيم (فارسي) ڇپيل آهن. جڏهن ته سندس ڪافي ڪتاب قلمي صورت ۾ اڃا به سندس پوين وٽ آهن.
پاڻ ٻه شاديون ڪيون هئائين. پهرين گهر واريءَ مان ڪو به اولاد ڪونه ٿيس. ٻي گهر مان 4 پٽ ۽ 5 نياڻيون ٿيس. پٽن ۾ (1) ابوبڪر مگسي سنڌيءَ توڙي اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. (2) زاهد مگسي جيڪو پروفيسر هو ۽ سنڌي اديب به هو، جنهن کي ڪراچيءَ ۾ قتل ڪيو ويو. مولوي عبدالرحيم مگسيءَ 1943ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه اباڻي قبرستان پير محمد مراد ۾ آهي.


لفظ عبدالرحيم مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو